??ين??وره– 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جا سڀئي وڏا ڌاڙيل گڏ ٿي ويا آهن ۽ اين آر او گهري رهيا آهن، اين آر او نه ملڻ تي هاڻي پاڪستان جي فوج ۽ عدليه تي حملا ڪري نئين گيم شروع ڪري ڇڏي آهي، فوج کي ڀڙڪائي رهيا آهن ان کان وڌيڪ ملڪ دشم??ي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، نواز شريف گدڙن وانگر ٻاهر ويهي ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ان جا پٽ به پئسو چورائي ٻاهر ويٺل آهن، ڌيءَ هتي فوج جي خلاف ڳالهائي رهي آهي،عورت ??جڻ جي ناطي احترام ڪريون ٿا ان لاءِ ??جهه نه چئي رهيا آهيون، شريف ۽ زرداري کي اين ار او ڏئي ملڪ سان سڀ کان وڏو ظلم ڪيو ويو، قانون جي بالادستي قائم ڪري پاڪستان کي رياست مدينه وانگر فلاحي رياست ٺاهيندس. اهڙ?? خيالن جو اظهار ه?? خيبرپختونخوا ۾ سمورن شهرين کي صحت ڪارڊ فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي ??ين??وره ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو.