اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ جدوجهد جاري رهندي، 25 جولاءِ 2018ع تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ 22 ڪروڙ عوام گڏجي نئين سوچ جو بنياد رکيو، هڪ فرسوده، مراعت يافته، اق??باپروري ۽ ڪرپٽ نظام کي شڪست ملي، اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو يادگار ڏينهن آهي. 25 جولاءِ 2018ع جي چونڊن جي مناسبت سان اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته فرسوده نظام جا خالق ملڪي ادارن ۽ معيشت کي ک??کلو ڪري ذاتي مفاد حاصل ڪندا رهيا. جڏهن اسان کي اق??دار مليو ته ملڪ کي معاشي مشڪلاتون درپيش هيون، ملڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هو، سمورين مشڪلاتن ۽ چئلينجز جي باوجود وزيراعظم جي قيادت ۾ نئين عزم سان سڌارن طرف وڌياسين. هن ??يو ته ڪورونا وبا کي نه رڳو منهن ??نو پر معيشت ۽ صحت ٻنهي ک?? اهميت ڏني وئي.