اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته جهڙي طرح اها ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ڪورونا وائرس ڄاڻ?? واڻي ناهي پکيڙيو ويو اهڙي طرح ڪوويڊ 19 جي خلاف ايس او پيز تي يقين ۽ ان تي عمل به ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن برطانيا جي هفتيوار دي اڪنامسٽ ۾ شايع ٿيندڙ سروي رپو??ٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستاني دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي يقين رکندڙ ماڻهو آهن ته ڪورونا وائرس ڄاڻ?? واڻي ناهي پکيڙيو ويو. هلندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ سروي ??وج?? 72 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪا پرڏيهي قوت اهو وائرس نه پکيڙي رهي آهي ۽ اهو قدرتي آهي جڏهن ته رڳو 23 سيڪڙو جو اهو وهم آهي ته وائرس ڄاڻ?? واڻي پکيڙيو ويو آهي.