اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم ج?? صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا هڪ ڏينهن ۾ 2603 ڪيسز رپورٽ ۽ 50 فو??گي?? تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوري قوم کي اپيل ڪئي آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرمي دوران رش وارين جاين، شاپنگ مالز ۽ گهرن ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي، سماجي ف??صلو برقرار رکي ٻي صورت ۾ صورتحال وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي، هي عيد گذريل سمورين عيدن کان مختلف هوندي، عيدالفطر جي موقعي تي گلي نه ملو، سماجي ف??صلو برقرار رکو، 50 سالن کان وڏي عمر جا ماڻهو گهرن ۾ ئي رهن. هو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.