اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٽويوٽا انڊس ??وٽرز ڪمپني پاڪستان جي وائيس چيئرمين شنجي يناگي ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي اصغر جمالي سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير م??دوم خسرو بختيار، توانائي وارو وفاقي وزير م??مد حماد اظهر ۽ لاڳاپيل سينيئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا موٽرز هائبرڊ اليڪٽرڪ گاڏين جي ??قا??ي پيداوار جي لاءِ پاڪستان ۾ 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندي. وزيراعظم ٽويوٽا موٽرز جي فيصلي کي موسمياتي تبديلي ک منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ذڪر جوڳو قدم قرار ڏنو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي عاليم آٽو ايڪسپورٽ مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪن. وزيراعظم گاڏين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي سان ٽويوٽا موٽرز جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته مناسب قيمتن تي معياري گاڏين جي پيداوار جي حوالي سان حڪومت هر ممڪن معاونت فراهم ڪندي.