اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽيلينا جارجيوا خط موڪليو آهي جنهن ۾ افغانستان مان پنهنجي اسٽاف ۽ ان جي وارثن جي واپسي جي حوالي سان مثبت ڪردار تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر افغانستان مان واپسي جي حوالي سان پاڪستان جي اهم ڪردار تي خراج تحسين پيش ڪندي ??يو ته انتهائي مشڪل وقت ۾ افغانستان مان آءِ ايم ايف اسٽاف ۽ سندس خاندانن جي حفاظت سان واپسي تي دل جي گهراين سان شڪر گذار آهيان، آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرسٽيلينا جارجيوا وزيراعظم جي نالي خط ۾ پرڏيهي وزير، ??اڻ?? واري وزير، دفاع واري وزير ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جي ڪردار کي به ساراهيو آهي. هن ??يو ته مشڪل وقت ۾ واپسي جي حوالي سان پاڪستان پاران اعليٰ سطح تي ڪيل ڪوششون اهم اهميت رکندڙ آهن، هن ??يو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ پارٽنرشپ تي ٿورائتا آهيون ۽ ان تعاون جي تسلسل جا خواهشمند آهيون، ڪرسٽيلينا جارجيوا وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.