اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي دعوت تي 14 کان 16 آگسٽ تائين ترڪي جو دورو ڪندو. ان دوري دوران صدر ٻط??في لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. ايوان صدر جي ميِڊيا ونگ مو??ب ٻنهي صدرن استبول ۾ پاڪستان نيوي جي 4 ملجم بحري جهازن جي ر??نم??ئي تقريب ۾ به شرڪت ڪندا. صدر عارف علوي ميڊيا ۽ ترڪي جي مشهور ڪارو??ار?? شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪي جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي لاڳاپا هڪٻئي لاءِ احترام ۽ گڏيل اعتماد تي هموار آهن، معاشي رخن تي وڌندڙ ڌيان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مضبوط کان مضبوط ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا، مختلف معاملن تي رابطا، هڪجهڙي ??وق?? ۽ مضبوط ٻط??في لاڳاپن جو عڪاس آهن.