بهاولپور – 11 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بهاولپور جي دوري جي موقعي تي اسلاميه يونيور??ٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ سميت مختلف منصوبن جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم يونيور??ٽي ۾ عالمي معيار جي تدريسي سهولتن سان ليس نرسنگ ڪاليج جو افتتاح ڪيو، نرسنگ ڪاليج نه رڳو خطي ۾ نرسنگ جي حوالي سان موجود افرادي قوت جي صل??حيت وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ڏکڻ پنجاب جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم ڪرڪيٽ جي فروغ لاءِ قائم ڪيل اسلاميه يونيور??ٽي جي بغداد الجديد ڪئمپس ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو افتتاح پڻ ڪيو. وزيراعظم اسلاميه يونيور??ٽي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ 2.5 ميگاواٽ جي سولر منصوبي جو پڻ افتتاح ڪيو. منصوبو نه رڳو يونيور??ٽي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي صل??حيت رکي ٿو پر ان سان ملندڙ اضافي بجلي ميپڪو کي فراهم ڪئي ويندي، منصوبي سان حاصل ٿيندڙ بجلي جو يونٽ رڳو 1.7 رپين ۾ ميسر ايندو ۽ 25 سالن جي مدي ۾ اهو منصوبو مجموعي طور تي قومي ناڻي کي 45 ڪروڙ 50 لک رپين جو فائدو پهچائي??دو?? اهو نه رڳو ٻين ادارن جي لاءِ مشعل راهه هوندو پر يونيور??ٽي ۾ شاگردن کي عملي تعليم ۽ مشاهدي جو موقعو پڻ فراهم ڪندو. بهاولپور ڊويزن ۾ ڪپهه جي فصل جي اهميت جي ڏس ۾ وزيراعظم اسلاميه يونيور??ٽي ۾ نيشنل ڪاٽن بريڊنگ انسٽيٽيوٽ جو پڻ افتتاح ڪيو. ادارو ڪپهه جي فصل ۾ گهٽ وسيلن سان وڌيڪ پيداوار تي تحقيق ذريعي ڪپهه جي پوکيءَ ۾ جدت آڻي رهيو آهي. تحقيق ٿيل قسمن ۾ هيستائين 40 سيڪڙو گهٽ پاڻي، 50 سيڪڙو گهٽ جيت مار دوائن جي استعمال، 35 سيڪڙو گهٽ مجموعي لاڳت سان پيداوار ۾ 20 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو آهي ۽ جنهن کي 40 سيڪڙو گهٽ لاڳت سان 30 سيڪڙو پيداوار ۾ اضافي تائين آڻڻ جي لاءِ ڪم جاري آهي، ان کانسواءِ وزيراعظم انٽر ڪراپنگ ريسرچ سينٽر جو پڻ افتتاح ڪيو جتي شروعاتي طور تي اسٽرپ انٽر ڪراپنگ جي ذريعي سويابين ۽ مڪئي جي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تحقيق ڪئي پئي وڃي. ڄاڻايل ٽيڪنيڪ مڪئي جي پوکيءَ کي متاثر ڪرڻ کانسواءِ سويابين جي پيداوار ۾ اضافي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سويابين جي پيداوار ۾ اضافي سان آبادگارن جي آمدني ۾ اضافي، آمدني واپار ۾ گهٽتائي ۽ کاڄرو تيل ۾ پاڪستان ڪافي حد تائين پاڻڀرو ٿي سگهندو.