اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب عوام توها?? جي اصليت ڄاڻي چڪي آهي، بجيٽ جا ڪوڙا انگ اکر ٻڌائڻ توها?? جي عادت بڻجي چڪي آهي، حڪومت مالي سال 22 -2021ع ۾ سڌا سنئوان نوان ٽيڪس ناهن لڳايا، عوام کي هر ممڪن رليف فراهم ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زر??ار?? جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پهريون ڀيرو 40 کان 60 لک خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ 5 لک روپيا بنا وياج جي قرض ڏنو پيو وڃي، انهن قدم?? سان تقريبن اڍائي ڪروڙ ماڻهو معاشي طور تي مستحڪم ٿيندا، هن چيو ته بلاول ٻڌائي ته اين ايف سي کان ملندڙ 16 سئو ارب روپين کان وڌيڪ جا فنڊ ڪٿي استعمال ٿيا.؟