اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خودمختياري کي حاصل ڪرڻ لاءِ پ??ڪس??ان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي ڀرپور ۽ مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي چيو آهي ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ را??ِ شماري ڪرائڻ جي حوالي سان پنهنجا واعدا ??ورا ڪري. خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي وزيراعظم پنهنجي پيغام چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جو سڌو سنئون ڌر هجڻ جي ناطي پ??ڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غير جانبداراڻي را??ِ شماري ڪرائڻ لاءِ زور ڏيندو رهندو، ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي بنيادي انساني حقن کي برقرار رکڻ جي گڏيل قومن جي واعدي کي 72 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته 5 جنوري 1949ع جي ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ پ??ڪس??ان بابت ڪميشن (يو اين سي آءِ پي) واعدو ڪيو هو ته گڏيل قومن تحت آزاداڻي ۽ غيرجانبداراڻي را??ِ شماري جي ذريعي ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏنو ويندو.