اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 2020ع عالمي سطح تي مشڪل سال رهيو، ڪورونا وائرس جي وبا سڄي دنيا ۾ صحت جي نظام ۽ معيشتن کي لوڏي ڇڏيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ پاڪستان ان چئلينج مان بهترين انداز سان سرخرو ٿيو، صحت ۽ معيشت ٻنهي کي اهميت ڏني، سمارٽ لاڪ ڊائو?? جي ڪامياب حڪمت عملي کي عالمي سطح تي پذيرئي ملي، هن چيو ته وزيراعظم جرئتمداڻي فيصلن سان معاشي بهتري ۽ ترقي لاءِ صحيح رخ جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. جنوري ۾ تبديلي نئين سال جي هوندي ۽ عوام جي مسئل?? جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خا?? جي قيادت ۾ فيصلائتي جدوجهد جي نئين مرحلن جو آغاز ٿيندو، اسا?? جي فيصلن ۽ پاليسين جو محور پاڪستان جو عوام آهي، 2020ع ۾ مخالف ڌر کي ا?? جي غير جمهوري حربن ”ناڪ آئوٽ“ ڪري ڇڏيو. حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ ٺهندڙ اتحاد پنهنجي مفادن، سوچ ۽ بياني جي ور چڙهي ويو.