اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪورونا وائرس ??ي ويڪسين حاصل ڪرڻ، استعمال جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سڀ کان اڳ ڪورونا وائرس ??ي خلاف وڙهندڙ هيلٿ ورڪرز، ٻي ترجيح ۾ 60 سال?? جي عمر کان وڏن ماڻهن جڏهن ته ٽئين ترجيح ۾ ڪورونا وائرس ??ي عام مريضن کي اها ويڪسي?? لڳائي ويندي، 2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪورونا ويڪسين پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي، ڪابينا ڪورونا جي علاج ۾ موثر ثابت ٿيندڙ دوا REMDESIVIR جي 100 ملي گرام انجيڪش?? جي قيمت 9244 رپين مان گهٽ ڪري 5680 رپيا مقرر ڪرڻ کانسواءِ ايئر سيال پرائيويٽ لميٽيڊ جي ريگيولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائيسنس جي تجديد، دفاع واري وزارت کي پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج ۽ يلديز ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ترڪيءَ جي وچ ۾ تعاو?? جي پروٽوڪول ۽ صحيحون ڪرڻ، پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري ۽ اسلام آباد ميٽرو پ??ليٽن ڪلب جي عمارت وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي حوالي ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان بلڊنگ ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جو اسلام آباد ڪئمپس قائم ڪرڻ جي والي سان ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پنهنجون سفارشون جوڙيندي.