رپورٽ: ڪريم ڏنو راهمون
دُنيا اڄ سياحت جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي آهي جڏهن ته وڏي وقت کانپوءِ اڻميُون ب??سا??ُون وسڻ کانپوءِ دُنيا جو سڀ کان وڏو سياحتي ماڳ مارئي جو ديس ٿر سياحن جي آمد جي ڪري ٻهڪي پيو آهي. جڏهن ته سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ٿر جا ٿوهر سياحن کي ڀليڪار چوڻ لاءِ ڄڻ ته ٻانهُون کولي بيـٺل آهن
۽ ٿر واسيءَ خوشي مان ٻهڪي رهيا آهن، ٿرپاڪر پاڪستان جو ريگستاني علائقو آهي جنهن جو دارو مدار ب??سا??ن تي آهي۔ ان جي ڪري عام چوڻي آهي ته “وسي ٿر نه ته بر ئي بر” اهو بر سٺيون ب??سا??ون وسڻ کانپوءِ ڪوهه مري کان به وڌيڪ حسين ٿي پيو آهي ۽ وڏي وقت کانپوءِ حسين ٿر بڻجي سياحن جي اکين کي آٿتُون ڏيئي رهيو آهي ۽ تل ترايون ڀرجي ويون آهن
ٿر ۾ وقت تي سٺيون ب??سا??ون نه پوڻ جي ڪري ڏڪار منهن ڪڍندو آهي ۽ ٿر واسين جون زندگيون مفلوج بڻجي وينديون آهن ۽ ٽهڪن ۽ خوشين بدران مختلف بيماريون واسو ڪري وينديُون آهن، جنهن جو اڪثر شڪار عورتُون ۽ ٻار ٿيندا آهن، ب??سا??ون نه پوڻ جي ڪري اناج ۽ گاهه نه ٿيندو آهي جنهن جي ڪري کاڌي خوراڪ ۽ کير جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي۔ انسانن ۽ جانورن کي گهربل کاڌو نه ملڻ ڪري ڀٽن جي ڀر ۾ مُئل مال ڏسي اکين جا سمُورا خواب لُڙهي ويندا آهن، پر جڏهن ٿر تي ب??سا??ون پونديون آهن ته ٿري ماڻهن جا چهرا ٿرجي پياسي زمين سان گڏ ٻهڪي پوندا آهن، جهمريون هڻي ب??سا??ن جي آجيان ڪندا آهن، ب??سا??ن جي وسڻ کان پو۽ ٿر جي اڃايل زمين به جيڪا بيابان ڏسڻ ۾ ايندي آهي اها سائي چادر سان ڍڪجي ويندي آهي ۽ خوبصورت دل کي وڻندڙ نظارا ڏسڻ وٽان ه??ندا آهن
ٿر جون ٻنيون به ب??سا?? تي ٿينديون آهن، جنهن ۾ ٿر جا ماڻهو فصل خاص ڪري گوار، ٻاجهري پوکيندا آهن سٺي ب??سا?? پوڻ سان فصل به سٺا ٿيندا آهن ۽ سياحن جي آمد سان هر طرف رونقُون لڳي وينديُون آهن.
گڊي ڀٽ ۽ ڪارونجهر جبل سميت ٿر جا سياحتي ماڳ جيڪي ب??سا?? کانپوءِ سرها لڳڻ لڳندا آهن
ٿرپارڪر ۾ ب??سا?? پوڻ کان پوءِ سياحتي ماڳ، ڪارونجهر جبل
ڀوڏيسر جي مسجد، مارئي جو کوهه، گوڙي مندر، ساردڙو مندر، تروٽ جي چوٽي، ننگرپارڪر ۾ پاڻي جا ڊيم، راڻاسر ترائي، پاٻوهر جي ترائي، مٺي شهر ۾ پڪنڪ پوائنٽ گڊي ڀٽ سميت ٻين ه??ڌن جي سونهن ڏسڻ وٽان ه??ندي آهي۔، جتي ب??سا??ون پڻ کان پو۽ پوري ملڪ مان هزارن جي تعداد ۾ سياح تفريح ڪرڻ جي لا۽ ايندا آهن، انهن ه??ڌن تي محفل موسي??ي مان به سياح لطف اندوز ٿندا آهن، انهن ه??دن تي به ٿر جا ماڻهو مختلف ڪاروبار ڪري روزگار ڪندا آهن۔
ٿر ۾ ب??سا??ن جي خوشي ٿر جي مالوندن کي عيد کان به وڌيڪ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته عيد جي خوشي صرف هڪ ڏينهن ۽ ب??سا?? پوڻ جي خوشي پورو سال محسوس ٿيندي آهي، ٿر جي ماڻهن جو گذر سفر ب??سا?? تي آهي.
جيڪڏهن ب??سا?? نه پوي ته پورو ٿر ويران ۽ بيابان جو ڏيک ڏيندو آهي ۽ جي اڻمئي ب??سا?? پوڻ تي ٿر بر بدران ڪوهه مري کان به وڌيڪ حسين ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن سان ٿر جي مالوند ماڻهن کي جيڪا خوشي محسوس ٿيندي آهي ان جو اندازو بيان ڪرڻ کان به وڌيڪ هوندو آهي، ب??سا?? جي موسم ۾ ٿر جو هر ماڻهو پاڻ کي امير سمجهندو آهي ۽ ب??سا??ن کي ڏکن ۽ قرض جي خاتمي جو اعلان سمجهندو آهي.