اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس م??عق?? ٿيو جنهن ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل ظفر محمود عباسي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خا?? ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو وي?? ۽ ??ن عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.