لاهور / اسلام آب??د ?? 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مڪڙن جي خاتمي لاءِ پنجاب حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي ۽ قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته مڪڙن جي چئلينج کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ته جيئن آبادگارن جي قيمتي فصلن کي ان قدرتي آفت کان تحفظ فراهم ڪر?? سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنجاب ۾ مڪڙن جي خاتمي جي حوالي سان قدمن تي اعليٰ سطحي بريفنگ دوران ڪيو. پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل مڪڙن جي حملي کي منهن ڏ??ڻ جي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا جي مدد سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻ??اي?? ته سڄي صوبي ۾ مڪڙن جي حملي کي جديد مشينري جي استعمال ۽ ٺوس حڪمت عملي سان وڏي حد تائين روڪيو ويو آهي.