اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جي ??نصوبن ک?? جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي، صوبي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪراچي پئڪيج جي حو??لي سان اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ تعمير ۽ ترقي جي ??فاقي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.