لاهور – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا جي خلاف جنگ ۾ ڊاڪٽرز ۽ طبي عملو صف ا??ل جا سپاهي آهن، ان وبا جي خلاف وڙهندڙ سمورن اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، سرندي وارن پاران جناح اس??تال ۾ پي سي آر ليب جو افتتاح ساراهه جوڳو آهي، ڪرونا جي خلاف جنگ گڏيل ڪوششن ۽ جذبي سان کٽينداسين، پٺتي پيل ۽ پورهيت طبقي کي رليف ڏيڻ اهم ترجيح آهي، 1200 ارب رپين ج?? معاون پئڪيج وزيراعظم جي عوام دوست سوچ جو اظهار آهي، هڪ ڪروڙ ماڻهن کي مالي امداد ملڻ جو عمل جلد شروع ٿي ويندو، ڪرونا کي سياست جي لاءِ استعمال ڪندڙن کي عوام رد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح اس??تال جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.