اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) ميڊيا جي ميدان ۾ هڪ اهم رياستي ادارو آهي، هو تيزي سان اڀرندڙ ڊيجيٽل ميڊيا ماحول جي چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ جي لا??ِ پنهنجي خبرن کي جامع بڻائڻ ۽ نوان رجحان متعارف ڪرائڻ سان گڏوگڏ جديد مهارتن ??ي استعمال ۾ آڻي. هو قومي ??ابرو اداري اي پي پي جي دوري جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري کي ميڊيا هائوسز جي ضرورتن ??ي پورو ڪرڻ جي لا??ِ اي پي پي جي خبرن جي مواد ۽ معيار ۾ بهتري ۽ جديد دور جي گهرجن موجب متعارف ڪرائي ويندڙ نئين خدمتن جي حوالي سان قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.