اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم ??ي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت مديني جي رياست جي نموني تي عمل ڪري رهي ??هي?? پاڪستان، ترڪي ۽ ملائيشيا گڏيل ٽي وي چئنل قائم ڪندا، ٽي وي چئنلز جي قيام جو مقصد دنيا کي حقيقي اسلام جي چهري سان روشناس ڪرائڻ ??هي?? رسول پاڪ صه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت اسان ??ي ايمان جو بنيادي جز ??هي?? اسلام هڪ بهترين نظام زندگي آهي جنهن جو مقصد انسانيت جي ڀلائي ??هي?? سيرت پاڪ تي عمل ڪري ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ممڪن ??هي?? هو ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن جي سهڪار سان عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ ڪُل پاڪستاني نعتيه مقابلن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ نعت خواهن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.