اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي، ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت کان پوءِ هاڻي معاشي طاقت بڻائڻو آهي، مشڪل معاشي فيصلن ذريعي لاٿ جو عمل رڪجي چڪو آهي ۽ معيشت جي بحالي کان پوءِ هاڻي معيشت جي اوسر طرف وٺ?? وڃڻو آهي ۽ ان کي ٻيهر دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻائڻو آهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته معاشي ترقي ۽ بجيٽ جا سمورا هدف قابل ??اص??ات ۽ عملي آهن. وفاق ۽ صوبن جو ساليانو ترقياتي پروگرام تي حقيقي معنائن ۾ عمل ٿيو ته 3.5 سيڪڙو اوسر ج?? هدف آساني سان ??اص?? ڪري وٺ??داسين. اسان جو بنيادي هدف 2017ع جي معاشي اهڃاڻن کي ٻيهر ??اص?? ڪرڻ آهي. ??گه??رن ۾ واڌ بنيادي ??گه??ر تي ايڊهاڪ رليف جي صورت ۾ ڏنو ويندو. هن چيو ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي شرح ۾ واڌ جو ڪو به ارادو ناهي. تازي ۽ پراسيسڊ کير تي ڪا به سيلز ٽيڪس لاڳو ناهي ڪئي وئي. دفاعي بجيٽ مجموعي قومي پيداوار جو 1.7 سيڪڙو آهي، جيڪو پاڙيسري ملڪن جي ڀيٽ ۾وڌيڪ ناهي. ايئر فورس، دي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان قدم جاري آهن، ڪوشش آهي ته جولاءِ تائين پهرين ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي حوالي سان واڪ ٿي وڃي. پاڪستان ڊفالٽ نه ڪندو. بجلي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ ڪوشان آهيون. هر سال هڪ هزار ارب رپين جي سبسڊي ڀرڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون.