اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان سڀني کي پاڪستان جي بانين جي ويزن کي سامهون رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) قائد محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جي لا??ِ گذريل ساڍا ٽن ڏهاڪن کان مصروف عمل آهي، تاريخ گواهه آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ قائد محمد نواز شريف س??ائين اصولن جي سياست ڪندي عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي يوم تاسيس تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آل انڊيا مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان قائداعظم ۽ تحريڪ پاڪستان جي ٻين اڳواڻن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هڪ آزاد ملڪ پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو، 118 سال اڳ مسلم ليگ قائم ٿيڻ کانپوءِ مسل??ان?? جي نئين ۽ آزاد ملڪ جي خواهش کي سگهه ملي ۽ مسلسل جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسل??ان?? کي هڪ جدا ۽ آزاد ملڪ نصيب ٿيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بانين جي ويزن کي سامهون رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جي لا??ِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) قائد محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جي لا??ِ ساڍا ٽي ڏهاڪن کان مصروف عمل آهي. وزيراعظم چيو ته تاريخ گواهه آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ قائد محمد نواز شريف س??ائين اصولن جي سياست ڪندي عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني، تاريخ گواهه آهي ته پاڪستان کي بچائڻ جي لا??ِ مسلم ليگ (ن) پنهنجي سياست جي قرباني ڏئي ملڪي معيشت ۽ ملڪي سلامتي کي ترجيح ڏني. وزيراعظم چيو ته پارٽي ڪارڪنن ۽ سياسي ڏاهن جا ٿورائتا آهيون جن جي ساٿ جي ڪري پارٽي آمرن آڏو حق جو نعرو بلند ڪيو، قيد ۽ بند جون مصيبتون برداشت ڪيون پر پاڪستان جي وسيع تر مفاد ۾ انتشار ۽ عوام کي ورڇ ڪرڻ جي سياست نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته قائد محمد نواز شريف کي سياست مان مائنس ڪرڻ جون سازشون ٿيون پر پنهنجي سياسي بصيرت ۽ عوام جي خاطر قرباني جي جذبي کيس سرخرو ڪيو، مسلم ليگ (ن) جي دورن ۾ ملڪ ۾ صنعت، زراعت ۽ معيشت جي ترقي ٿي. وزيراعظم چيو ته سفارتي س??ح تي دوست ملڪن سان لاڳاپا بهتر ٿيا ۽ عام ماڻهو خوشحال ٿيو. وزيراعظم چيو ته اڄ به مسلم ليگ (ن) عوامي امنگن جي ترج??ان?? ڪندي پنهنجي قائد جي سرپرستي ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي جي لا??ِ مصروف عمل آهي، الله جي ڪرم ۽ عوام جي حمايت سان پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جي لا??ِ ائين ئي محنت جاري رکنداسين.