اسلام آباد– 19 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان نيشنل ڊيولپمينٽ ڪمپليڪس ۽ ٽن واپاري ا??ار?? تي آمريڪي پابندين تي پنهنجي ردعمل ۾ چ??و آهي ته پاڪستان اين ڊي سي ۽ ٽن واپاري ا??ار?? تي پابنديون هڻڻ جي آمريڪي فيصلي کي بدقسمتي ۽ معتصباڻو قرار ڏي ٿو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي اسٽريٽجڪ صلاحيتن جو مقصد ان جي خودمختياري جو دفاع ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو و??و آهي ته نيون پابنديون امن ۽ سلامتي جي مقصد کان انحراف ڪن ٿيون جنهن جو مقصد فوجي عدم توازن کي وڌائڻ آهي، اهڙي طرح جون پاليسيون اسان جي خطي ۽ ان کان ٻاهر جي اسٽريٽجڪ استحڪام جي لاءِ خطرناڪ آهن. بيان موجب پاڪستان جو اسٽريٽجڪ پروگرام هڪ مقدس امانت آهي جنهن کي 240 ملين ماڻهن پاڪستان جي قيادت کي عطا ڪ??و آهي. ان امانت جي تقدس کي جنهن کي پوري پوليٽيڪل اسپيڪٽرم ۾ تمام گهڻي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، تي ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ چ??و آهي ته اسان کي نجي واپاري ا??ار?? تي پابنديون هڻڻ تي پڻ افسوس آهي، ماضي ۾ واپاري ا??ار?? جُون اهڙي طرح جون فهرستون بنا ڪنهن ثبوت جي رڳو شڪ تي ٻڌل هيون. بيان ۾ چيو و??و آهي ته عدم ڦهلاءُ جي اصولن تي ??خت?? سان عمل پيرا ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ماضي ۾ ٻين ملڪن کي جديد فوجي ٽيڪنالاجي جي لاءِ لائيسنس جي شرط کي ختم ڪيو و??و آهي. پاڪستان واضح ڪيو ته اهڙي طرح جا ٻٽا معيار ۽ امتيازي طرزعمل نه رڳو عدم ڦهلاءُ جي ڪوششن جي ساک کي نقصان پهچائين ٿا پر علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي پڻ خطري ۾ وجهن ٿا.