اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراع??م ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ڀاڻ ??ي قيمتن جي استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن کي حڪومت، گئس س??لائرز ۽ فرٽيلائيزر انڊسٽري جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڀاڻ جي صنعت جي لاءِ گئس جي دستيابي جو پڻ جائزو ورتو ويو ۽ ان کي اطمينان جوڳو ڏٺو ويو. نائب وزيراعظم پيداوار ۽ ذخيري کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ربيع جي فصل جي پوري موسم ۾ ڀاڻ جي صنعت کي بنا رڪاوٽ گئس جي فراهمي کي برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.