اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پارليامينٽ جي ڪنهن به ايوان لاءِ ڪنهن به ا??يد??ار جي ڪل ووٽن جو 50 سيڪڙو کان گهٽ ووٽ حاصل ڪرڻ تي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي آئيني درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. درخواست جي ٻُڌڻي ڪالهه جسٽس امين الدين خان جي اڳواڻيءَ ۾ آئيني بينچ ڪئي ۽ درخوا??تگ??ار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪندي ان کي خارج ڪيو ويو. بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس عائشه اي ملڪ، جسٽس سيد حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس نعيم اختر افغان شامل هئا. عدالت درخوا??تگ??ر محمد اڪرم کان درخواست جي باري ۾ آئيني بنيادن تي سوال ڪيا ۽ واضح ڪيو ته موجوده نظا?? ڪنهن به ا??يد??ار کي وڌ کان وڌ ووٽ حاصل ڪرڻ جي بنياد تي فاتح قرار ڏنو آهي، چاهي اهي 50 سيڪڙو تائين هجن يا نه. جسٽس محمدعلي مظهر پُڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ آئين جي ڪنهن آرٽيڪل تحت ڪل ووٽن جو 50 سيڪڙو کان گهٽ حاصل ڪندڙ ا??يد??ار کي ناڪام قرار ڏئي سگهي ٿي. جسٽس عائشه ملڪ به پُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن وڌ کان وڌ پر 50 سيڪڙو کان گهٽ ووٽ کڻندڙ ا??يد??ار کي ڪامياب قرار ڏنو ويو ته آئين جي ڪهڙي آرٽيڪل جي خلاف ورزي هوندي؟ معزز عدالت قرار ڏنو ته موجوده نظام قانوني آهي ۽ جيڪڏهن درخوا??تگ??ار قانون ۾ تبديلي چاهي ٿو ته ان کي نئين قانونسازيءَ لاءِ پارليامينٽ سان رجوع ڪرڻ گهرجي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته هر شهريءَ کي ووٽ ڏيڻ جو حق آهي پر سپريم ڪورٽ اهل ووٽرز کي پولنگ ۾ حصو وٺڻ تي مجبور نٿي ڪري سگهي. ان موقعي تي جسٽس جمال خان مندوخيل پُڇاڻو ڪيو ته درخوا??تگ??ار گذريل عام چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ نه وِجهڻ جو اعتراف ڪيو آهي. عدالت غير ضروري قانوني چاره جوئي سان عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ تي درخوا??تگ??ار تي 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.