لاهور – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ظهير عباس کوکر بار ??ار ??ليڪشن ٽربيونل کان تاريخون گهري اليڪشن ٽربيونل جو وقت ضايع ڪر?? رهيو آهي، جيڪڏهن وٽس ثبوت نه آهن ته عدالت کي ٻڌائي ته کانئس ??لط?? ٿي آهي، اڳ ۾ ڪيس ڪريو پوءِ عدالت کان ڀڄو، اهو انهن ج?? شيوو بڻجي چڪو آهي. پي ٽي آءِ جي ظهير عباس کوکر پاران پنهنجي خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ ڏنل درخواست ۾ تاريخ وٺڻ تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ منهنجا وڪيل اليڪشن ٽربيونل ۾ پيش ٿيا، اسان ج?? وڪيلن ج?? مڪمل تياري هئي ۽ سمورا دستاويز به موجود هئا. هن چيو ته مخالف پارٽي وٽ ڪي به ثبوت نه هئا. وفاقي وزير چيو ته ظهير عباس کوکر عدالت کان فرار چاهي ٿو، انهي لاءِ عدالت کي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪڏهن وٽس ثبوت موجود هئا ته ظهير عباس کوکر تاريخ ڇو گهري؟ ظهير عباس منهنجي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو آهي ته هاڻي منهن ڇو نه ڏئ?? رهيو آهي؟ هن چيو ته بار ??ار ??اريخون گهري هي اليڪشن ٽربيونل جو وقت ضايع ڪر?? رهيو آهي. جيڪڏهن وٽس ثبوت نه آهن ته عدالت کي ٻڌائي ته کانئس ??لط?? ٿي آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ڪيس ڪريو پوءِ عدالت کان ڀڄو، اهو پي ٽي آءِ جو شيوو بڻجي چڪو آهي.