غذر – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرين جي لاءِ غذر جي بوبر ماڊل وليج ۾ سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گلگت بلتستان جي ضلعي غذر جي ڳوٺ بوبر ۾ 2022ع جي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿيندڙ بستيءَ جي جڳهه نئين ماڊل وليج جي افتتاح ۽ متاثرين کي نئين ??عم??ر ٿيل گهرن ج?? ملڪيتي ڪاغذ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هو آگ??ٽ 2022ع ۾ هتي آيو هو جتي هر طرف ٻوڏ کانپوءِ تباهي جا منظر هئا. موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ برساتن پوري ڳوٺ کي زمين بوس ڪري ڇڏيو هو. اڄ هتي نئين بستي ??عم??ر ڪئي وئي آهي. متاثر خاندانن کي انهن جي گهرن ج?? ملڪيتي ڪاغذ ڏنا ويا آهن. وزيراعظم متاثرين جي بحالي، آبادڪاري ۽ نئين سر ??عم??ر تي لاڳاپيل ادارن ۽ عملدارن کي شاباس ڏني ۽ هدايت ڪئي ته نئين ??عم??ر ٿيل گهرن کي سرديءَ جي موسم ۾ رهڻ جي قابل بڻائڻ جو انتظام ڪيو وڃي. ماڊل وليج جي معيار کي جانچڻ جي لاءِ ڪنهن ٽئين ڌر کان توثيق ڪرائڻ کانسواءِ ادائيگيون نه ڪيون وڃن ۽ اسڪول، ڊسپينسري ۽ راند جي ميدان سميت سموريون ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وزيراعظم ڊسپينسري ۾ الٽراسائونڊ، ايڪسري ۽ ويم سميت سموريون ضروري سهولتون فوري فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم ٻڌايو ته هن ٻوڏ متاثر ٻارڙي قنديل جي لاءِ 50 لک رپين جي انڊومنٽ فنڊ جو اعلان ڪيو هو، اڄ اهو فنڊ 67 لک تائين پهچي چڪو آهي. وزيراعظم متاثرين کي انهن جي گهرن جا الاٽمينٽ ليٽرز ورهايا. ان کان اڳ وزيراعظم بوبر ماڊل وليج جو افتتاح ڪيو. ان موقع?? تي وزيراعظم کي نئين ??عم??ر ٿيل گهرن ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ معيار بابت بريفنگ ڏني وئي. اهو ماڊل وليج 110 ڪينال زمين تي ??عم??ر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 62 گهر آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 216 ڪلوميٽر گلگت شندور رستو پڻ ??عم??ر ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم ان منصوب?? تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان کان اڳ گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان مشڪل ۽ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ گلگت بلتستان جي عوام جي مدد ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقع?? تي وفاقي وزير ۽ اسيمبلي ميمبر پڻ موجود هئا.