اسلام آباد -30 آڪ??وبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ڪي پي ڪي جي اسيمبلي ۾ ڊيره اسماعيل خان مان چ??نڊيل ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي پارلياماني ليڊر احمد ڪريم ڪنڊي به ساڻس گڏ هو. گورنر چشمه ليفٽ ڪينال ۾ اسلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سعودي حڪومت، سعودي سفي?? ۽ ??سلامڪ ڊولپمينٽ بئنڪ جو ٿورو ادا ڪيان ٿو. گورنر چيو ته هي منصوبو صرف ڊيره اسماعيل خان ۽ ڪي پي ڪي لاءِ ئي نه پر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحال?? جو منصوبو آهي جنهن سان هن خطي ۾ زرعي انقلاب ايندو ۽ مع??شي ترقي جا نوان رستا کلندا.