اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران جو صنعت ۽ واپار وارو وزير سيد محمد عطا بيڪ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سر??را??ن جي 23ه??ن اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان پهچي ويو. افغانستان ۽ اولهه ايشيا لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽ??ي احمد نسيم وڙائچ نور خان ايئر بيس تي معزز مهمان جي شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ مقرر ايران جو سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پُڻ موجود هو. روايتي لباس پ??ريل ٻارڙن مهمانن کي دگلدستا پيش ڪيا.مهمانن ??ي آجيان لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو هو. ان موقعي تي تقريب جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.