اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت شنگهائي تعاون تنظيم جي 23هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي ڀليڪار چوڻ جي لاءِ گيت رليز ڪري ڇڏيو. گِيت ۾ پاڪستان جي رنگارنگ ثقافتي ورثي ۽ مهمان ن??ازي جي روايت جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. ان گيت جي عڪسبندي ۾ پاڪستان جي خوبصورت جاين، تاريخي ۽ اهم عمارتن ۽ گهڻ رُخي ثقافت کي وڏي خوبصورت?? سان پيش ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي عوام جي محنت، لگن ۽ جذبي کي پڻ تمام خوبصورت?? سان اجاگر ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي ناليواري گلوڪار عمير جسوال جي آواز ۾ نغمو ”خوش آمديد“ جي ٻول ۾ پاڪستان جي ماڻهن جي مهمان ن??ازي ۽ ايس سي او ملڪي سربراهن کي ڀليڪار چوڻ جو جذبو سمايل آهي. اطلاعات ۽ نش??يات واري وزارت اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو گيت مهمانن کي پاڪستان جي ثقاف?? کان روشناس ڪرائيندو ۽ ان جي دلين ۾ پاڪستان جي لاءِ محبت پيدا ڪندو.