لاهور-25 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ قونصل جن??ل لاهور مس ماڪرسٽين ۽ وفد جي ٻين ميمبرن دا??ا درٻار تي حاضري ڏني. اوقاف ۽ مذهبي کاتي مطابق مذهبي معاملن واري ڊائريڪٽر جن??ل خالد محمود سنڌو سندن دا??ا درٻار پهچڻ تي استقبال ڪيو. ايڊمنسٽريٽر دا??ا درٻار ۽ عملو ان موقعي تي موجود هئا. آمريڪي سفير ۽ قونصل جن??ل طرفان درٻار شريف تي عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا، آمريڪي سفير ۽ ان جي ٽيم درٻار شريف جي ترقياتي ڪمن بابت خصوصي دلچسپي ظاهر ڪئي. ڊائريڪٽر جن??ل وفد کي درٻار شريف تي ٿيل ترقياتي ڪمن ۽ حضرت دا??ا گنج بخش جي زندگي بابت بريف ڪيو. آخر ۾ ڊائريڪٽر جن??ل آمريڪي سفير کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي ۽ مهمانن کي ڪتابن جا تحفا ڏنا.