اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سان سنڌ ??ي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سيد نويد قمر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي حڪومت جي سنڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ وفاق ۽ صوبي جي تعاون سان جاري عوامي مفاد جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ??ي. ??لاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبا??، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ۽ مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پڻ شريڪ هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سنڌ ??ي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي سنڌ جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي وٺڻ تي ٿورا مڃيا. سنڌ ??ي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعظم کي صوبي ۾ جاري توانائي جي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.