اسلام آباد-28 آگسٽ (اي پ?? پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪم??ل خان چيو آهي ته حڪومت مقامي واپارين کي سهولتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿي، مقامي صنعت کي هٿي ڏيڻ ۽ درپيش مسئلن جي حل ??اء?? سنجيده ڪوششون جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پاڪستان ليڌر اينڊ فٽ ويئر ڪائونسل جي نمائندن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ جي گڏجاڻي جو بنيادي مقصد ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ آهي ۽ ان کي فعال ۽ اثرائتو بڻائڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت صنعت ۾ اعتماد پي??ا ڪرڻ ۽ تعاون فراهم ڪرڻ ??اء?? پوري طرح پُرعزم آهي. ان موقعي تي پاڪستان ليڌر اينڊ فٽ ويئر ڪائونسل جي چيئر??ين چوڌري ذوالفقار حيات وفاقي وزير جي ويزن کي ساراهيو. چيئر??ين چيو ته پهريون ڀيرو هڪ وزير حقيقي طور تي انهن ڪائونسلن کي بااختيار بنائڻ جي باري ۾ سوچي رهيو آهي. هن چيو ته ڪائونسلن ??اء?? هڪ سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن سان واپار واري وزارت طرف مڪمل تعاون حاصل هجي ۽ مستقبل جي قدمن کي اڳيان وڌائڻ ??اء?? هڪ بلٽ ان مڪينزم سان گڏ ڪم ڪيو وڃي. وفاقي وزير ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ڀريو ته اهي 15 ٻين سيڪٽرل ڪائونسلن سان پنهنجون تجويزون ۽ سفارشون پي?? ڪن، انهن سفارشن کي وزيراعظم جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ ۾ غور ۽ منظوري ??اء?? پي?? ڪيو ويندو.