ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي وچ ۾ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ م??اق??ت ٿي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پڻ ان موق??ي تي موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن م??اق??ت دوران بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن، امن امان ۽ سماجي ترقي جي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم امن امان جي بحالي جي لاءِ صوبائي حڪومت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪندي وفاقي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاط??ي ڪرائي. هن صوبي جي وفاقي ترقياتي منصوبن جا فنڊز وقت سر جا??ي ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جا??ي ڪرڻ جي پڻ خاط??ي ڪرائيندي چيو ته بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر ترقي جي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ سنجيده آهيون، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت کي بلوچستان جي ترقي سان لڳاءُ ۽ عو??م سان محبت آهي، صوبي جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو. م??اق??ت ۾ وڏي وزير مير سرفراز بگٽي نيڪ خواهشن ۽ صوبي جي ترقي جي پختي عزم تي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جا ٿورا مڃيندي چيو ته بلوچستان حڪومت عام ماڻهو جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي يقيني بڻائي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته وقت کان وڌيڪ صحيح رخ جو تعين ضروري آهي، الحمدالله گورننس سان واڳيل معاملن کي ترتيبوار بهتري طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، صوبائي ڊيولپمينٽ پروگرام کي عوامي ضرورتن سان هم آهنگ ڪري رهيا آهيون ۽ صوبي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 75 سيڪڙو منظور ٿيل ترقياتي منصوبا بجيٽ جو حصو بڻايا ويا آهن باقي 25 سيڪڙو منصوبن تي به تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ گڊ گورننس جي قيام ۽ سروس ڊيليوري جي نظام جي بهتري جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ هر سطح تي موثر جوابدهي ۽ احتساب جي عمل کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته صوبي ۾ جاري وفاقي ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل فنڊز جي وقت سر جاري ٿيڻ سان مشروط آهي ان لاءِ اسان وفاقي حڪومت کان اميد ڪريون ٿا ته اها وفاقي ترقياتي منصوبن جا فنڊز وقت سر جا??ي ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻندي.