اسلام آباد- 12 آگسٽ (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صا??ق چيو آه?? ته پاڪستان،جاپان سان گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خو??هشمند آه??. موسمياتي تبديلي هڪ نهايت اهم عالمي مسئلو آه??، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سان ملاقات ۾ ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪوآرڊينيٽر رومينه خو??شيد عالم پڻ موجود هئي. ملاقات ۾ پاڪ جاپان ٻه طرفن لاڳاپن خاص ڪري موسمياتي تبديلي، پارليماني رابطن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.سردار اياز صا??ق چيو ته پاڪستان جا جاپان سان پراڻا دوستي وارا لاڳاپا آه??. پاڪستان جاپان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خو??هشمند آه??. هن چيو ته موسمياتي تبديلي نهايت اهم مسئلو آه??، سمورن ملڪن کي گڏجي انهن چئلينجز کي منهن ڏيڻو پوندو.هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻي سگهجي ٿو. سردار اياز ص??دق تعليم سميت ٻين شعبن ۾ جاپان جي تعريف ڪئي. جاپاني مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان سان لاڳاپن کي اهميت ڏيون ٿا، هن سردار اياز ص??دق جي جاپان لاءِ خير سگالي ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خو??هش تي شڪريو ادا ڪندي پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ جي خو??هش جو اظهار ڪيو.