سرينگر-02 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ماڻهن کي اپيل ڪئي ??هي ته هو 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ته جيئن عالمي برادري کي اهو واضح پيغام ڏئي س??هجي ت?? ڀارت ڄمون ڪشمير تي غير قانوني قابض ??هي ۽ ڪشميري گڏيل قومن طرفان تسليم ٿيل حق خود اراديت لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي غير قانوني طور تي نظربند چيئرمين مسرت عالم بٽ ۽ سينئر اڳواڻ شبير احمد شاهه نئين دهلي ۾ بدنام زمانا تهاڙ جيل مان پنهنجي پيغامن ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪندي چيو ??هي ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي والاريل ڄمون ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشميرين جي س??اڻپ تي هڪ سخت حملو ڪيو. ٻين حريت اڳواڻن ۽ تنظيمن به 5 آگسٽ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي اپيل ڪئي آهي. هنن سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين تي زور ڀريو ته هو والاريل ڄمون ڪشمير جي مظلوم عوام جي مصيبتن ۽ مشڪلاتن طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ 5 آگسٽ سومر ڏينهن احتجاجي مظاهرا ڪن. حريت قيادت واضح ڪيو ته مودي حڪومت ڄمون ڪشمير جي تڪراري خطي جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن سان گڏوگڏ عالمي قانونن، اصولن ۽ ضابطن جي به سنگين ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هنن چيو ته آزادي پسند ڪشميرين مودي حڪومت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کي هڪدم رد ڪري ڇڏيو ??هي ۽ هو پنهنجي شهيدن جي مقدس مشن جي تڪميل تائين جدوجهد جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن.