اسلام آباد – 31 – جولائي (اي پي پي) سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد عباس شاهه قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ڪروڙين رپين جي ماليت جي ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد ٽن جوابدا??ن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي اينٽي ڪرپشن سيل محمد غواث (پراجيڪٽ ڊائريڪٽر)، مصور عمران (ڊپٽي ڊائريڪٽر) ۽ سعد مدثر (اڳوڻي چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي عدالت ۾ پيش ڪيو. ان موقعي تي ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر اسفند يار موقف ا??تيار ڪيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست رد ڪئي جنهن کانپوءِ ٽنهي جوابدا??ن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جوابدا??ن کان رڪارڊ ۽ رقم جي برآمدگي جي لاءِ 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي گذارش منظور ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ”اي پي پي“ جي ليگل ايڊوائيزر سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ دليل ڏنا ته سمورا جوابدار پروڪيورمنٽ ڪميٽي جا ميمبر آهن ۽ جعلي صحيحن جي ذريعي اي جي پي آر ۾ 60 چيڪ جمع ڪرايا ويا آهن. سردار يعقوب مستوئي چيو ته 124 ملين رپيا عوام جي ٽيڪس جو پئسو هو، سرڪاري اداري ۾ جعلسازي جي ذريعي ڌاڙو هنيو ويو آهي، جوابدا??ن کان سرڪاري رقم وصول ڪرڻ جي لاءِ جسماني ريمانڊ ڏنو وڃي. جوابدارن جي وڪيلن جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪئي. دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت ٽنهي جوابدا??ن کي ٽن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو.