اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف بلوچستان جي هوشاب ضلعي ۾ پاڪ فوج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن جي پذيرائي ڪندي چ??و آهي ته پاڪستا?? کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو ته پاڪ فوج جي جوانن ڪاميابي سان آ??ريشن ڪري دهشتگرد?? کي ماريو. پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ملڪ کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پاڪ فوج تي فخر آهي، پاڪستا?? کي دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.