اسلام آباد – 22 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف غزه ۾ خان يون?? جي علائقي تي اسرائيلي فورسز جي پرتشدد حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلسطين مسئلو حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته خان يون?? جي پ??اه??يرن کي اتان نڪرڻ جي هدايتن جي ڪجهه منٽن جي اندر اندر اهڙو جارحاڻو حملو انساني?? جي توهين آهي، معصوم فلسطيني پ??اه??يرن کي ٻاهر نڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته اسرائيلي فورسز فلسطينين جي نسل ڪشيءَ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستاني قوم پنهنجي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل آهي، گڏيل قومن کي فلسطين مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي.