اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ ??ائ?? ڪرڻ جي تجويز ??ين??ي ڪڇي ڪينال منصوبي کي ڏيڍ سال ۾ مڪمل ڪرڻ تي زور ??ين??ي چيو آهي ته ڪڇي ڪينال سان بلوچستان 713000 ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي، وفاقي حڪومت منصوبي جي ترجيحي بنيادن تي وقت سر تڪميل يقيني بڻائڻ جي لاءِ فنڊز فراهم ڪندي. صدر اها هدايت ايوان صدر ۾ گرين پاڪستان منصوبي بابت ??جلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر کي گرين پاڪستان منصوبي جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن جي تعمير بابت ??ريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو سيد محسن رضا نقوي ۽ اعليٰ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گرين پاڪستان منصوبي تحت 6 اسٽريٽجڪ واهن جي تعمير ڪئي ويندي، اسٽريٽجڪ واهن ۾ چشما رائٽ بينڪ، ڪڇي، ريڻي، گر??ٽر ٿل، چولستان ۽ ٿر ڪينال شامل آهن. بريفنگ ۾ چيو ويو ته واهن سان ملڪي پوکي جوڳي زمين، لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري جي صلاحيت وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن گرين پاڪستان منصوبي جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڻي جو زيان روڪڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ واهن کي پڪو ڪيو وڃي، پاڻي تحفظ، پاڻي جو زيان گهٽ ڪرڻ ۽ پاڻي جي دستيابي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي آبپاشي جي شعبي کي جديد رخن تي ??ائ?? ڪرڻو پوندو. صدر واهن جي ڀرپاسي وارن بنجر علائقن ۾ ڊرپ آبپاشي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ??ين??ي چيو ته سرڪاري زمين جي پيداواري استعمال جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسٽيٽ لينڊ بئنڪ ??ائ?? ڪئي وڃي. صدر آصف علي زرداري انڊس ريور سسٽم اٿ??رٽ?? جي اصلاح ۽ ان کي بهتر بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. بريفنگ ۾ صدر کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ويو ته پاڻي جي دستيابي ۽ وهڪري جي حوالي سان صحيح ڊيٽا شيئرنگ جي لاءِ 27 ٽيلي ميٽري پوائنٽس ??ائ?? ڪيا ويندا.