ملتان – 23 – مئي (اي پي پي) وقتي ??در سيد يوسف رضا گيلاني سان ملتان ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن جي وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته ??در آصف علي زرداري سدائين چين سميت دوست ملڪن کي راغب ڪيو ته اهي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن چيو ته سي پيڪ جهڙن گيم چينجرز منصوبن جي شروع ٿيڻ ۾ ??در آصف علي زرداري جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وقتي ??در ملڪي معيشت ۾ واپارين جي ڪردار کي ساراهيندي انهن کي ي??ين ڏياريو ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ واپارين جي مسئلن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. وقتي ??در سان ملاقات ڪندڙ واپارين ۾ ??در چيمبر آف ڪامرس ملتان راشد اقبال، رومانه تنوير شيخ، انڊسٽريل اسٽ??ٽ بورڊ آف مئنيجمينٽ جي ??در آصف مجيد، چوڌري وحيد ارشد، خواجه جلال الدين رومي، خواجه يونس ۽ ٻيا شامل هئا. واپاري برادري سينيٽ چيئرمين جو عهدو سنڀالڻ ۽ قومي اسيمبلي جي تڪ 148 جي ضمني چونڊن ۾ علي قاسم گيلاني جي ڪاميابي تي ي??سف رضا گيلاني کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ناليواري صنعتڪار ميان تنوير شيخ جي رهائشگاهه تي وقتي ??در جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو ويو. ان کان اڳ وقتي ??در سيد يوسف رضا گيلاني ڪمرشل فلائيٽ پي ڪي ذريعي ملتان ايئرپورٽ پهتو ته ملتان سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن عبدالقادر گيلاني، علي قاسم گيلاني، صوبائي اسيمبلي ميمبرن علي حيدر گيلاني، ڪامران مڙل ۽ راڻا اقبال سراج سميت ايڊيشنل چيف سيڪريٽري ڏکڻ پنجاب فواد هاشم رباني، ڪمشنر ملتان مريم خان، ڊپٽي ڪمشنر رضوان قدير ۽ ٻي مقامي انتظاميا استقبال ڪيو.