بيجنگ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي عالمي شعبي جي وزير ليوجيان چائو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان جي سياسي پارٽين ۽ چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي وچ ۾ پراڻي تعاون ۽ مٽاسٽا تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پر??يه?? آفيس موجب سينيٽر اسحاق ڊار چين جي بنيادي مسئلن تي پاڪستان جي مضبوط ح??ايت جو ورجاءُ ڪيو. وزير ليوجيان پاڪستان جي خودمخ??يا??ي، علائقائي سالميت ۽ اعليٰ معيار جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ چين جي حمايت جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي اهميت ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پڻ تصديق ڪئي. سي پيڪ جي سمورن منصوبن بشمول ايم ايل – I جي اپ گريڊيشن، گوادر پورٽ ۽ قراقرم هاءِ وي (ڪي ڪي ايڇ) کي ٻيهر جوڙڻ تي اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پر??يه?? وزير شانگلا حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي افسوس ۽ صدمي جو اظهار ڪيو ۽ دهشتگردي جي هر قسم جي خاتمي ۽ شانگلا حملي جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ چيني منصوبن، اهلڪارن ۽ ادارن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي قدمن تي زور ڏنو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ليوجيان چائو کي هن سال سياسي پارٽين جي سي پيڪ جوائنٽ ڪنسلٽيٽو مڪينزم جي اڳئين اجلاس جي شريڪ صدارت جي لاءِ پاڪستان جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني.