اسلام آباد-22 اپريل (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان اي??ان?? گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدر ۽ اي??ان?? قانون واري وزير امين حسين رحيمي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سي??يو??ٽي تعاون، دهشتگرديءَ جي خاتمي، اسمگلنگ، بارڊر مئنجمينٽ، پاڪستاني ز??ئر??ن لاءِ سهولتون ۽ قيدين جي مٽاسٽا سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته اي??ان?? صدر جو دؤرو پاڪستان ٻه طرفن ناتن جي حوالي سان انتهائي اهم آهي، پاڪستاني قوم اي??ان?? صدر ۽ ان جي وفد جو پاڪستان ۾ آڌرڀاءُ ڪري ٿو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن طرفان دهشتگرد تنظيمن تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. دهشتگردي ٻنهي ملڪن جو گڏيل مسئلو آهي، ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل لائحه عمل تي اتفاق ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گڏيل معاونت کي وڌيڪ بهتر بنائڻ ۽ انٽيليجنس ڄاڻ جي مٽاسٽا تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سي??يو??ٽي معاهدي تي جلد کان جلد صحيح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ملاقات ۾ اربعين جي موقعي تي پاڪستاني ز??ئر??ن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اي??ان?? گهرو وزير ان سلسلي ۾ پاڪستاني هم منصب کي ايران جي دؤري جي دعوت ڏني. ان موقعي تي عراقي هم منصب کي به دعوت ڏني ويندي. گهرو وزير ايران جي دؤر جي دعوت تي پنهنجي هم منصب جو شڪريو ادا ??يو?? ٻنهي طرفن جي قيدين جا ڏنڊ معاف ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گهرو وزير چيو ته اسملنگ ٻنهي ملڪن لاءِ معاشي نقصان جو سبب آهي، اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ بارڊر مئنجمينٽ سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل واپاري رابطن کي هٿي ملندي. اي??ان?? وزير چيو ته پاڪستان بارڊر جي فينسنگ جي حوالي سان بهترين ڪم ڪيو آهي. گهرو وزير ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني مؤقف جي تائيد تي اي??ان?? حڪومت جو ٿورو مڃيو. اي??ان?? هم منصب ڊاڪٽر احمد وحيدي ۽ اي??ان?? قانون واري وزير امين حسين رحيمي پاڪستان جي دؤري تي شاندار استقبال ۽ مهمان نوازيءَ تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو.