اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جو صدر ڊاڪ??ر ابراهيم رئيسي ٽن ڏينهن جي ??وري تي اسلام آباد پهچي ويو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ۽ ايران ۾ پاڪستان جي ??فير مدثر ٽيپو سندس آجيان ڪئي. ايراني صدر سان گڏ سندس گهرواريءَ ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل ??ڪ اعليٰ سطح وفد پڻ گڏ آهي. صدر ابراهيم رئيسي جو دورو پاڪستان جي ??سٽريٽجڪ ايجنڊا پاڪ ايران لاڳاپن جي گهرائي ۽ سگهه جي ??ڪاسي ڪري ٿو. هو پاڪستان ۾ قيام دوران صدر ۽ وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر سان ملاقاتون ڪندو. هو لاهور ۽ ڪراچي جو پڻ دورو ڪندو ۽ صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.