اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن ح??د الثاني جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو جنهن ۾ هن عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ور??اءُ ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي قطر سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو ور??اءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ور??اءُ ڪيو. قطر جي امير پڻ گرمجوشي سان وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خوا??شن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم قطر جي امير کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا امير قبول ڪندي خاطري ڪرائي ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه ملهائي وئي. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ سمورن گڏيل لاڀائتن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ور??اءُ ڪيو.