اسلام آ??اد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي اسپي??ر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي ??ي سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا. قومي اسيمبلي ??ي اجلاس جي شروعات تي قومي اسيمبلي ??ي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ميمبرن کان حلف وٺڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته سڀ کان پهرين قومي اسيمبلي ??ي رول آف ميبمرز تي اهي اميدوار صحيح ڪندا جن کي اسپي??ر ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻا آهن، مسلم ليگ (ن) جي سردار اياز صادق اسپيڪر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڊپٽي اسپيڪر، سني اتحاد ڪائونسل جو ملڪ عامر ڊوگر اسپي??ر ۽ جنيد اڪبر ڊپٽي اسپيڪر جي عهدي لاءِ پنهنجا نامزدگي ڪاغذ قومي اسيمبلي ??ي سيڪريٽري وٽ ايوان ۾ ئي جمع ڪرايا. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو وقت ختم ٿيڻ ۽ جاچ پڙتال کانپوءِ اسيمبلي ??يڪريٽريٽ اميدوارن جي حتمي فهرست جاري ڪندي. نئين اسپي??ر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ اڄ جم??ي تي ٿيندي.