اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحافين جي ??هولت لاءِ ق??ئم ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي. پي آءِ ڊي پاران جاري پڌرائي موجب ميڊيا سينٽر ۾ صحافين جي ??هولت لاءِ هائي اسپيڊ انٽرنيٽ، ج??يد ترين ڪمپيوٽرز، ليپ ٽاپس، پرنٽر??، اسڪينر??، ايل اي ڊيز ۽ ايس اين ڊيز موجود آهن. ميڊيا سينٽر ۾ صحافين جي مدد جي لاءِ پي آءِ ڊي جو تربيت يافته عملو ۽ آفيسر به موجود آهن. ميڊيا سينٽر کي ايس اين ڊيز جي ??ريعي اليڪشن ڪميشن جي ”اليڪشن سٽي“ سان به ڳنڍڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چونڊن جي ڪوريج دوران صحافين جي ??ڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ اطلاعات واري وزارت جي هيلپ لائين ايم او آءِ بي به مڪمل طور تي فعال آهي. صحافي mediahelpline.moib.gov.pk تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا. شڪايتن جي ??اخلا لاءِ ٽيليفون هيلپ لائين 0519252287 به فعال ڪئي وئي آهي. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن خاص طور تي اليڪشن 2024ع جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين جي ??هولت لاءِ ق??ئم ڪيو ويو. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ صحافين کي هڪ ڇت جي هيٺ سڀئي ضروري سهولتون، قابل اعتماد معلومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ به ميسر آهي. اسلام آباد ۽ چئني صوبائي گادي وارن شهرن سميت 7 شهرن ۾ ميڊيا سينٽرز ق??ئم ڪيا ويا آهن. انهن سينٽرز تي 24 ڪلاڪ عملو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو. چونڊن واري ڏينهن سينٽرز کان پولنگ اسٽيشن ويندڙ صحافين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو انتظام به موجود آهي.