لاهور – 24 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير مرتضيٰ سولنگي ٿيلسيميا جي مرض جي روڪٿام جي لاءِ شاندار خدمتن تي م??و ڀائي (مرحوم) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته م??و ڀائي پنهنجي پوري زندگي ٿيلسيما جي مريضن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي، سُندس فائونديشن جو بنياد رکي م??و ڀائي هڪ مثال قائم ڪيو، ٿيلسيميا جي روڪٿام جي لاءِ قانونن ??ي بهتر بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سُندس فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ م??و ڀائي جي ڇهين ورسيءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سُندس فائونڊي??ن خالد عباس ڊار، صدر ياسين خان، سهيل وڙائچ، حفيظ الله خان نيازي، مجيب الرحمان شامي، صغريٰ صدف ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير چيو ته م??و ڀائي جو پي ٽي وي تي هلندڙ حالات حاضره جو پروگرام عوام ۾ انتهائي مقبول ٿيو، ان پروگرام ۾ م??و ڀائي بطور تجزيه نگار خدمتون سرانجام ڏنيون، عوام اڃا تائين سندس ان پروگرام کي ياد ڪري ٿي. هن چيو ته م??و ڀائي هڪ سٺو ۽ مخلص انسان هو، هن پنهنجي زندگي کي ٿيلسيميا جي ٻارن جي علاج جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، سُندس فائونڊيشن ۾ ٿيلسيميا جي ٻارن جي علاج جي لاءِ جيڪو ڪم ٿي رهيو آهي اهو ساراهه جوڳو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سُندس فائونڊيشن ۾ علاج هيٺ مريض م??و ڀائي جي مغفرت جو سبب بڻجندا. نگران وفاق?? وزير چيو ته ٿيلسيميا جي روڪٿام جي لاءِ احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪرڻو پوندو. ان حوالي سان قانونن ??ي بهتر ۽ انهن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان اڄ م??و ڀائي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ اهو وچن ڪرڻ جي لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون ته م??و ڀائي انساني خدمت جو جيڪو جهنڊو پنهنجي هٿن ۾ کنيو هو ان کي پڪڙي رکڻو آهي. هن چيو ته م??و ڀائي ڪالم نگاري سان گڏوگڏ شاعري پڻ ڪندو هو، سندس مادري زبان پنجابي ۾ شاعري لازوال هئي، هو ڪنهن به شيءَ جي پاڻ ئي ٿيڻ تي يقين نه رکندو هو جيڪو هن چيو هو ته “هونئين جانداڪر ناپيندا اي، سکان دي خاطر جلندا پيندا اي، حق دي خاطر لڙنا پيندا اي، جيون دي خاطر مرنا پيندا اي”. تقريب ۾ شريڪ ٻين خطاب ڪندڙن م??و ڀائي کي ڀرپور انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. تقريب جي آخر ۾ پير ضياءَ الحق نقشبندي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي. بعد ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاق?? وزير سُندس فائونڊيشن جي ليب جو دورو ڪيو ۽ ٿيلسيميا جي مرض ۾ مبتلا ٻارن ۾ تحفا ورهايا.