ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي وڏي عمر، معذوري ۽ غيرمتعدي مرضن ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ معاون ٽ??ڪن??لاجي تائين عالمي پهچ کي لازمي قرار ڏيندي عالمي اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي قومي منصوبن ۽ پائيدا?? ترقي جي هدفن جي حڪمت عم??ين ۾ معاون ٽ??ڪن??لاجي جي انضمام کي ترجيح ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم 2024ع جي موقعي تي ??عاون ٽ??ڪن??لاجيز جي ذريعي پائيدا?? ترقياتي ??دفن طرف اڳڀرائي جي عنوان سان هڪ تقريب ۾ پنهنجي اهم خطاب دوران ڪيو. ”انلاڪ دي ايوري ڊي“ معاون ٽ??ڪن??لاجي (اي ٽي) تي ??هريون عالمي مهم جيڪا وهيل چيئر، عينڪن، ٻڌڻ جي اوزارن، مصنوعي عضون ۽ ڊيجيٽل اوزارن جهڙي معاون ٽ??ڪن??لاجي جي بنا فرق جي هر ڪنهن جي حق بابت بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي. بيگم ثمينه علوي چيو ته معاون ٽ??ڪن??لاجي پائيدا?? ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي ڇو ته اها خصوصي ضرورتون رکندڙ ماڻهن جي لاءِ تعليم، روزگار ۽ معاشري ۾ شموليت جا موقعا کولي سگهي ٿي. هن سڄي دنيا ۾ ٽ??ڪن??لاجي جي ماهرن، پاليسي سازن جي وچ ۾ وڌ کان وڌ تعاون تي زور ڏنو. هن عوامي ۽ نجي شعبن تي زور ڏنو ته اهي ماڻهن کي بااختيار بڻائيندڙ ٽ??ڪن??لاجيز ۾ سيڙپڪاري ڪن. خاتون اول چيو ته عالمي سطح تي 2.5 ب??ين ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ معاون پروڊڪٽ جي ضرورت آهي جڏهن ته گهٽ آمدني وارن ملڪن ۾ اها پهچ رڳو 3 سيڪڙو آهي. خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ۽ پٺتي ??يل ڪميونٽيز جي ماڻهن جي لاءِ استعمال، دستيابي ۽ پهچ اهم چئلينجز بڻيل آهن، اسان کي انهن رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته معاون ٽ??ڪن??لاجي انهن تائين پهچي وڃي جن کي ان جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، ان ڏس ۾ ڪنهن کي پٺتي ??ه ڇڏڻ گهرجي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان هڪ جامع معاشرو ٺاهڻ ۽ معاون ٽ??ڪن??لاجي تائين پهچ کي وڌائڻ جي ايجنڊا کي اڳتي ??ڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي خطي ۾ ۽ عالمي سطح تي ??عاون ٽ??ڪن??لاجي جي وڪالت ڪرڻ ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان معاون ٽ??ڪن??لاجي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي اهم ڪوششون ڪيون آهن جن ۾ علائقائي ۽ عالمي قراردادن جي تجويز ۽ انهن کي اختيار ڪرڻ، اهم تقريبن جي ميزباني، ڊبليو ايڇ او جي معاون مصنوعات جي فهرست جاري ڪرڻ، معاون ٽ??ڪن??لاجي جي لاءِ علائقائي اسٽريٽجڪ فريم ورڪ تيار ڪرڻ ۽ معاون ٽ??ڪن??لاجي تي عالمي ڪانف??نس شامل آهي. بيگم ثمينه علوي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بهترين طريقن، علم ۽ وسيلن کي ورهائڻ سان عالمي سطح تي گڏيل اثر پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته معاون ٽ??ڪن??لاجي عالمي صحت جي ڪوريج ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته صحت جون خدمتون خصوصي ماڻهن سميت هر ڪنهن جي لاءِ پهچ جوڳيون هجن. هن معاون ٽ??ڪن??لاجي جي مسلسل جدت ۽ بهترين کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي کي ترجيح ڏيڻ تي ??ڻ زور ڏنو.