اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران پاڪستان ??ي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ کي واضح لفظن ۾ رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته اسان ??ي ان ??الهه تي شديد مايوسي ٿي آهي ته اهو معتصباڻو ۽ من ماني تشخيص تي ٻڌل آهي ۽ ان جو زميني حقيقت سان ??و تعلق نه آهي. بيان ۾ چي?? ويو آهي ته پاڪستان هڪ تڪثيري ملڪ آهي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي جي ڀرپور روايت رکي ٿو. بيان موجب پاڪستان پنهنجي آئين موجب مذ??بي آزادي کي فروغ ڏيڻ ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ وسيع پئماني تي قدم کن??ا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان بيان ۾ ان ??الهه تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته مذ??بي آزادي جي وڏي پئماني تي ۽ مسلسل خلاف ورزي ڪندڙ ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نامزد فهرس?? مان خارج ڪي?? ويو آهي. اهو عالمي مذ??بي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن (يو ايس سي آئي آر ايف) جي واضح سفارشن سان ??ڏوگڏ عالمي انساني حقن جي ڌرين پاران مذ??بي اقليتن سان ??ارت جي اڻوڻندڙ سلوڪ بابت اٿاريل عوامي خدشن جي باوجود آهي. بيان ۾ چي?? ويو آهي ته اسان ??ي يقين آهي ته اهڙي طرح جون امتيازي، هڪ طرفي ۽ موضوعي مشقون نقصانڪار آهن ۽ عالمي سطح تي مذ??بي آزادي کي اڳتي وڌائڻ جي اسان جي گڏيل مقصد کي نقصان پهچائين ٿيون. بيان موجب پاڪستان ان ??الهه تي پختو يقين رکي ٿو ته مذ??بي عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا جي موجوده چئلينج جو مقابلو گڏيل افهام تفهيم ۽ احترام جي بنياد تي تعميري مشغوليت ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي ڪري سگهجي هو، انهي جذبي سان پاڪستان ٻطرفي طور تي آمريڪا سان انگيج آهي. بيان ۾ چي?? ويو آهي ته پاڪستان ??ي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ بابت پاڪستان جي خدشن کان آمريڪا کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.