اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته باباءِ قوم جي ڏنل بنيادي اصولن ۾ ئي ترقي جو راز لڪل آهي، قائداعظم سدائين قانون جي حڪمراني ۽ پرامن سياسي جدوجهد تي ??قين رکندو هو، سندس تعليم تي عمل ڪري ئي ملڪ ترقي ڪري سگهي ٿو، اسان جي مشڪلاتن جو حل به جمهوريت، ڳالهين ۽ قانون جي حڪمراني ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز جي اهتمام هيٺ فيڊرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي مختلف اسڪولن جي ٻارن جي وچ ۾ قائد جي ڏهاڙي تي ??نعقد تقريري مقابلي جي تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ موجود هئي. مرتضيٰ سولنگي قائداعظم محمد علي جناح جي حوالي سان اسڪولن جي ٻارن جي تقريرن کي ساراهي??دي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي ڪري هي ملڪ ٺهيو، اڄ اسان ان جي ڪري ئي هتي ??وجود آهيون. ??ن چيو ته تاريخ ڏسون ته قائداعظم جي ڪيترين ئي تعليم تي اسان عمل نه ڪيو پر اڄ به اسان کي يقين آهي ته قائداعظم جي بنيادي اصولن تي عمل ڪري ئي اسان مشڪلاتن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. ??ن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح سدائين قانون جي حڪمراني تي ??قين رکيو، قانون تي عمل ڪ??دي پرامن طريقي سان اختلاف ڪرڻ محمد علي جناح جي سياست جو بنيادي اصول هو. ??ن چيو ته اڄ جي سياست ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان اختلاف آهن پر قانونن تي عملدرآمد جي ذريعي بهتري جو امڪان موجود هوندو آهي. ??ن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي 11 آگسٽ 1947ع جي آئين ساز اسيمبلي جي تقرير اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، قائداعظم سدائين پرامن سياسي جدوجهد ۽ جمهوريت تي ??قين رکندو هو. ??ن چيو ته اڄ مشڪل مسئلن جو حل رڳو پرامن سياسي جدوجهد سان ئي نڪري سگهي ٿو. ??ن چيو ته پاڪستان جي 76 سالا تاريخ مان اسان اهو ئي سکيو آهي ته هي ملڪ هڪ مضبوط وفاقي جمهوريت سان ئي اڳتي ??لي سگهي ٿو، اسان جو آئين وفاقي جمهوريت تي ??ڌل آهي ۽ انهي ۾ مشڪلاتن جو حل موجود آهي. ??ن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. موجوده ن??ران حڪومت به آئين جي آرٽيڪل 224 جي پيداوار آهي، خميس 8 فيبروري 2024ع تي جڏ??ن چونڊون ٿينديون ته هي ملڪ پنهنجي منزل طرف روان دوان ٿيندو. ??ن چيو ته اسان جي مشڪلاتن جو حل جمهوريت، ڳالهين، قانون جي حڪمراني آهي. تقريب کي خطاب ڪ??دي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد تقريري مقابلي جي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. تقريري مقابلي ۾ فيڊرل ائريڪٽوريٽ آف ايجوڪيشن جي مختلف اسڪولن مان 10 شاگرد ۽ شاگردياڻين حصو ورتو جن قائداعظم جي 147 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي ??ائد جي فڪر ۽ نظرين تي روشني وڌي. تقريري مقابلي جو عنوان ”موجوده دور جا مسئلا ۽ قائداعظم جو پيغام“ هو. تقريب ۾ بهترين تقرير تي ??هرين پوزيشن اسلام آباد ماڊل ڪاليج جي نائين فور جي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي ايمن فرحان، ٻي پوزيشن اسلام آباد درڪالا جي ماڊل اسڪول جي نائين ڪلاس جي شاگردياڻي سُندس فاروق جڏهن ته ٽئين پوزيشن اسلام آباد ماڊل اسڪول همڪ جي ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي فيروزه بي بي حاصل ڪئي. تقريب ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز پاران قائداعظم جي سياسي جدوجهد جي حوالي س??ن هڪ دستاويزي فلم ۽ ڊائريڪٽوريٽ پاران ٺاهيل ملي نغمو پڻ پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.